جنهاڻ سومرو

جنهاڻ سومرو: جنهاڻ سومرو ٽنڊي محمد خان ضلعي جو اهم ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ جي آبادي اٽڪل ڏهه هزار آهي. هيءُ ڳوٺ ديهه جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آهي. هتي اڪثريت سومرن جي آهي ۽ ڀر پاسي ۾ سما، سيد، ميگھواڙ، ڪولهي، مهاڻا، رند وغيره ويٺل آهن. هن ڳوٺ ۾ ٽي ديني مدرسا، ٻه پرائمري اسڪول، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ هاءِ اسڪول موجود آهي. هتي هڪ رورل اسپتال به آهي. هتان جا اڪثر ماڻهو ديندار آهن. عورتون به قرآن پاڪ جون حافظياڻيون ۽ عالم آهن. سنڌ جو عوامي شاعر ابراهيم منشي به هن ڳوٺ جو هو. علي محمد ’سپاهي‘ سومرو به هتي جو شاعر هو، جنهن کي منشي ابراهيم پنهنجو استاد مڃيندو هو. منشي ابراهيم جو والد پڻ مولود ۽ مداح جو سٺو شاعر هو. هن ڳوٺ جا بهترين استاد صوف سومرو، خير محمد سومرو، جان محمد سومرو، محمد طيب سومرو ۽ عبدالرشيد سومرو ٿي گذريا آهن، ارڏي شاعر ابراهيم منشيءَ جي شاعري گڏ ڪرڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ غلام محمد ’آزاد‘ سومرو به هن ڳوٺ جنهاڻ سومري جو رهاڪو آهي. جنهاڻ سومري جو ذڪر شاهه ڪريم جي ڪتاب بيان العارفين ۾ پڻ آيل آهي. ان ڪري اندازو آهي ته هيءُ ڳوٺ تمام پراڻو ۽ اهميت وارو آهي. هن ڳوٺ جو عبدالخالق سومرو مختلف وقتن تي صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر چونڊبو رهيو آهي .


لفظ جنهاڻ سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو